منير چانڊيو

منير چانڊيو

چانڊيو منير2

چانڊيو، منير2: نوجوان اديب منير چانڊيو، 8 آڪٽوبر 1983ع تي قنبر ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان انٽرميڊيٽ تائين قنبر ۾ پڙهيو. بي. اي ۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ڪيائين. 2003ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو. 2008ع ۾ سنڌي ادبي فورم جو مرڪزي سيڪريٽري چونڊيو. سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌي ادبي فورم، سنڌي ادبي سنگت، عوامي تحريڪ، لبرل فورم پاڪستان، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ٻين تنظيمن جو ميمبر رهي چڪو آهي. سندس ڪالم سنڌي زبان جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
منير چانڊيي جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’ڪـيف ڌاران ڪـوءِ‘ (ناول: ٻه ڇاپا)، (2) ’پاڪستان جا بحران ۽ اُنهن جو حل‘ (ڊاڪٽر مبشر حسن جي ڪتاب جو ترجمو)، (3) ’انساني حقن جا معاهدا‘ (ترجمو).
منير چانڊيو هڪ سماجي اداري ’سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽيءَ‘ جو پبليڪيشن آفيسر ۽ هڪ پراجيڪٽ ’سنڌ ريسورس سينٽر‘ جو انچارج رهيو ۽ ان اداري جي تحقيقي ۽ اڪيڊمڪ جرنل ’ٽماهي فريڊم‘ جو سب ايڊيٽر به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.10.08  عيسوي

نوجوان اديب منير چانڊيو، 8 آڪٽوبر 1983ع تي قنبر ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد اسماعيل
پدم راج شرما
بالزاڪ
امر جماڻي ڏيپلائي
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
سليم ميمڻ پروفيسر
شمس الدين شمسي
ظفر حسن
دادا سنڌي
چاولا ارجن
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون